پريس پڌرائي . . .
05 سيپٽمبر 2018ع .
جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراھ سيد جلال محمود شاھ پنهنجي پريس بيان وسيلي چيو آهي ته ضلعي نوشهروفيروز جي پوليس آڌي رات جي وقت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن ، ضلعي صدر رضا محمد بيهڻ ۽ ضلعي جي سينيئر نائب صدر اسلم ڪوريجو جي گهرن تي ڇاپا هڻي چادر چوديواري جو تقدس پيمال ڪري اسان جي ڪارڪنن کي تنگ ڪري رهي آهي . ضلعي صدر رضا محمد بيهڻ ، تعلقه نائب صدر ممتاز ڪوريجو کي بلاجواز گرفتار ڪيو ويو آهي . ياد رهي ته اسان جا ڪارڪن پنهنجي پارٽي ۽ وطن سان محبت ڪن ٿا ، پوليس جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي .
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جا ڪارڪن نه ڪنهن کان ڊڄڻ وارا آهن ۽ نه ئي ڪير انهن کي پوليس جي ذريعي هيسائي سگهي ٿو . خبر ناهي ته نوشهروفيروز جي پوليس ڪنهن جي ونگار وهي رهي آهي . پوليس جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ۽ مطالبو ٿو ڪجي ته ضلعي صدر رضا بيهڻ ، تعلقه نائب صدر ممتاز ڪوريجو ۽ مختلف تنظيمن جي گرفتار ڪيل قومي ڪارڪنن کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو .
اميرعلي ٿيٻو
اطلاعات سيڪريٽري
03332631500

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here