پڌرائي
17 سيپٽمبر 2018ع
حيدر منزل، ڪراچي.
ڪراچي (پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينيئر نائب صدر سيد زين شاهه، وزيراعظم عمران خان پاران ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين ۽ بنگالين کي شهريت ڏيڻ واري غير ذميواراڻي اعلان تي ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. حيدر منزل ڪراچي ۾ پارٽي عهديدارن سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته سنڌ تاريخي طور هڪ قومي وحدت آهي، جنهن ۾ سنڌين کي دائمي اڪثريت جو هجڻ لازمي آهي. وفاق ۽ سنڌ جي حڪومتن جو فرض آهي ته اهي سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ تحفظ فراهم ڪن. سنڌ ۾ هر قسم ۽ هر طرف کان ٿيندڙ والار سنڌ جي ڊيموگرافي جي لاءِ سنگين خطرو آهي، جنهن کي قانوني طريقي سان روڪڻ انتهائي ضروري آهي. سنڌ جا ماڻهو غير ملڪين کي شهريت ڏيڻ جي فيصلي خلاف ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪري چڪا آهن. ڌرتي ڌڻين جو واضح ۽ چٽو موقف آهي ته غير ملڪين (Alien) جنهن ۾ برمي، بنگالي ۽ افغانين کي شهريت ڏيڻ غير قانوني عمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي بدامني ڪيس 2012ع ۾ سپريم ڪورٽ جو واضح فيصلو آهي ته غير ملڪين خاص طور برمي، بنگالي ۽ افغانين کي خاص ڪيمپن تائين محدود ڪيو وڃي، ڇا ڪاڻ ته هـُو نه فقط غير ملڪي آهن پر اهي سنڌ جي وسيلن تي بار ۽ خاص طور بدامني ۽ دهشتگردي پيدا ڪرڻ ۾ به ملوث آهن. افغانين ۽ بنگالين کي شهريت ڏيڻ ملڪي قانون سٽيزن شپ ايڪٽ 1951ع جي سڌي ريت ڀڃڪڙي آهي. ايس يو پي سينيئر نائب صدر سيد زين شاهه مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CCI) ۾ وفاقي حڪومت تي زور ڀري ته غير ملڪين (Alien) خاص طور برمي ۽ افغانين کي باعزت طريقي سان پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ جا انتظام ڪيا وڃن ۽ فوري طور اي آر سي (ARC) جاري ڪري غير ملڪين کي ڌار رجسٽرڊ ڪيو وڃي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي غير ملڪين کي شهريت ۽ ڊيم جي اشو تي 24 سيپٽمبر تي پنهنجي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جو خصوصي اجلاس پڻ حيدر منزل تي گهرائي ورتو آهي، جنهن جي صدارت پارٽي جو مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه ڪندو.

امير علي ٿيٻو
انفارميشن سيڪريٽري
03332631500

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here