پريس پڌرائي . . .
09 جون 2018ع .
جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو .
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه ۽ مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه پنهنجي پريس بيان وسيلي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي کي انهن حالتن ۾ ڪيس جي پروسيڊنگ جي ڪري رهي آهي جڏهن ملڪ جي اندر اليڪشن جو ماحول آهي ۽ سڄي ملڪ جي اندر ڪا به چونڊيل حڪومت نه آهي نه ئي عوامي مينڊيٽ هن حڪومت کي آهي . هن وقت ملڪ ۽ صوبن جي اندر نگران حڪومتون آهن . ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ( C.C.I) جو مسئلو آهي، ان ۾ ئي حل ٿيڻ گهرجي . جيڪو چونڊيل حڪومتن کانسواءِ زيرِ بحث آڻي نٿو سگهجي. پاڻي جي ۽ ڪالاباغ ڊيم جي انتهائي سنجيده مسئلي تي سپريم ڪورٽ پنهنجا ريمارڪس ڏيئي رهي آهي جيڪو سپريم ڪورٽ جو مينڊيٽ ئي نه آهي . پاڻي جو مسئلو ملڪ جي قومي وحدتن جي بقاءَ ، وجود ۽ ايندڙ نسلن جو مسئلو آهي ، جنهن تي ملڪ جون ٽي صوبائي اسيمبليون ڪالاباغ ڊيم جي خلاف قرادادون پاس ڪري چڪيون آهن . ان کانپوءِ به ڪجهه ماڻهو انهي اشو کي کڻي سپريم ڪورٽ پهتا آهن جن جي خواهش آهي ته ملڪ جي اعليٰ عدالت به متنازع ٿي وڃي . ان ڪري سپريم ڪورٽ هن انتهائي سنجيده مسئلي تي غور ويچار ڪري ڇاڪاڻ ته عدالتن جي فيصلي ذريعي قومن جي تقدير جا فيصلا ڪيا ويندا ته عدالتون عوام ۾ پنهنجي ساک وڃائي ويهنديون . هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي سمورين هاءِ ڪورٽن ، سيشن ڪورٽن جي بار ايسوسيئيشن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ڪالاباغ ڊيم متعلق پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن .
امير علي ٿيٻو
اطلاعات سيڪريٽري
03332631500

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here