پريس پڌرائي . . .
07 جون 2018ع .
جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو .
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه پنهنجي پريس بيان وسيلي چيو آهي ته سينيئر قومپرست اڳواڻ ۽ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو جو وڇوڙو قومي سانحو آهي. رسول بخش پليجو پنهنجي سڄي زندگي علمي ، ادبي ۽ سياسي جدوجهد جي ذريعي سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندي گذاري . جنهن جدوجهد دوران سنڌ جي لاءِ قيد ڪاٽيا ۽ تڪليفون برداشت ڪيون . سندس جدوجهد سنڌ جي تاريخ جو حصو رهندي . رسول بخش پليجو جي وڇوڙي تي سندس سوڳوار خاندان ۽ سندس تحريڪ جي ساٿين سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ دعاگو آهيون .
امير علي ٿيٻو
اطلاعات سيڪريٽري
03332631500

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here