• پريس پڌرائي . . .
    06 جون 2018ع .
    جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو .
    سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه ۽ مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه ڄامشورو ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ مختلف برادرين جي وفدن سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ شفاف اليڪشن جو ڍونگ هاڻي کان ئي پڌرو ٿي چڪو آهي، نگران حڪومت سنڌ جي سمورن سرڪاري ادارن ۾ مقرر ٿيل تعليمي ادارن جا ملازم ، روينيو جا ملازم ، سپروائيزر ، تپيدار ، مختيارڪار ، پوليس عملدار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر پيپلزپارٽيءَ جي اميدوارن کي کٽرائڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن، پرزائيڊنگ اسٽاف جي مقرريءَ جا پلان جوڙي ورتا آهن . سنڌ حڪومت جا مقرر ٿيل آفيسر ، رٽرننگ آفيسرن وٽ پيپلزپارٽي اميدوارن کان منظور ٿيل پولنگ اسڪيمون ۽ پرزائيڊنگ اسٽاف جون لسٽون فائنل ڪري رهيا آهن . لوڪل گورنمينٽ جا پئسا ۽ ملازم پيپلزپارٽي اميدوارن جي اليڪشن ڪئمپين تي خرچ ٿيڻ شروع ٿي رهيا آهن . نگران حڪومت جي سڄي انتظامي مشينريءَ ۾ پيپلزپارٽيءَ جو روح موجود آهي . انهيءَ صورتحال ۾ سنڌ ۾ اليڪشن شفاف ٿيڻ ۾ ڪو به امڪان نظر نٿو اچي . 10 سالن کان حڪمراني ڪندڙ جماعت پيپلزپارٽي سنڌ سيڪريٽريٽ کان ويندي تعلقي سطح تائين سموري انتظاميا جانبدار آهي . جيڪي پيپلزپارٽي حڪومت مان مستفيض ٿيندا رهيا آهن . ڪرپشن ذريعي ڪروڙين روپيه ڦرلٽ ڪري هڪ دفعو ٻيهر رشوت خور ۽ ڪرپٽ نمائيندن کي چونڊرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن .
    امير علي ٿيٻو
    اطلاعات سيڪريٽري
    03332631500

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here