پڌرائي
04 جون 2018ع
حيدر منزل، ڪراچي.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه، چيف اليڪشن ڪمشنر پاڪستان کي خط لکي آگاهه ڪيو آهي ته سنڌ ۾ موجود آفيسر شاهي جيڪا گذريل ڏهن سالن کان پ پ حڪومت جي سرپرستي ۽ حڪمراني ۾ شامل رهي آهي. اها سنڌ ۾ آزاد ۽ منصفانا اليڪشن ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. سنڌ جي نگران حڪومت ۾ پ پ جا ذميوار ماڻهو شامل ڪري ايندڙ اليڪشن کي يرغمال بڻائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن جو جلد کان جلد نوٽيس ورتو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي انتظامي ڍانچي تي پ پ جي حمايت آفته آفيسرن جو قبضو آهي. ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پيز ۽ مختيارڪار کان وٺي تپيدار تائين پ پ حڪومت جا مقرر ٿيل آهن. هن چيو آهي ته نگران حڪومت ۾ واجد دراني ۽ سونو خان بلوچ جهڙا ڪردار شامل ڪري نگران حڪومت جي غير جانبدار ڪردار کي هڪ طرفو بڻايو پيو وڃي. سيد جلال محمود شاهه، چيف اليڪشن ڪمشنر کي گذارش ڪئي آهي ته هو آئيني ڪردار ادا ڪندي سنڌ ۾ اليڪشن جي عمل کي شفاف بڻائڻ ۾ مدد ڪري.

امير علي ٿيٻو
انفارميشن سيڪريٽري (SUP)
0333-2631500

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here