پريس پڌرائي . . .
29 آگسٽ 2018ع .
جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پنهنجي پريس بيان وسيلي لاڙڪاڻي مان عيسيٰ ميمڻ کي کنڀي گم ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عيسيٰ ميمڻ ميونسپل اسڪول لاڙڪاڻي جو استاد آهي ۽ ميونسپل اسڪول لائبريري جو انچارج پڻ آهي ، پاڻ اديب ، دانشور ۽ شاعر پڻ آهي . هن طريقي سان قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جي قومي شعور کي رياستي تشدد ذريعي هيسائي ، ڪمزور ۽ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي .
هن وڌيڪ چيو ته عيسيٰ ميمڻ تي جيڪڏهن ڪو به ڪيس آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي . پر سندس گمشدگي عدالتي ۽ قانوني جرم آهي . سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سنڌ ۾ جبري طور قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي .
اميرعلي ٿيٻو
اطلاعات سيڪريٽري
03332631500

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here