پڌرائي
28 جون 2018ع
حيدر منزل، ڪراچي
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه اليڪشن 2018ع لاءِ مرڪزي سطح تي مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو آهي، جنهن جو سربراهه پارٽي جي نائب صدر اعجاز سامٽيو کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اليڪشن سيل ۾ 14 ٻيا ميمبر پڻ کنيا ويا آهن، جن ۾ ادريس چانڊيو، روشن ڪلهوڙو، منير نائچ، اسد الله شاھ،، مختيار ميمڻ، ڪريم چانڊيو، بشير لنڊ، محمود ڀٽو، راجا ڪورائي، بهادر رند، مخدوم شمس، نذير احمد گاد، شوڪت خاصخيلي ۽ شهزاد لاشاري شامل آهن. اليڪشن مانيٽرنگ سيل چونڊ مهم 2018ع جي نگراني ڪندي ان کان علاوه ايس يو پي جو پارٽي منشور پڌرو ڪرڻ، ميڊيا سان رابطو، هم خيال پارٽين، اديبن، دانشورن ۽ سماجي ڪارڪنن کان حمايت حاصل ڪرڻ پڻ سندن فرضن ۾ شامل هوندو. مرڪزي مانيٽرنگ سيل ايس يو پي اميدوارن سان سڌو رابطو ڪري پنهنجو سهڪار پڻ آڇيندي. ان کان علاوه مانيٽرنگ سيل، اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري شڪايتون پڻ درج ڪرائيندي. ايس يو پي اليڪشن سيل جي انچارج اعجاز سامٽيو مانيٽرنگ سيل جو باضابطه اجلاس آچر پهرين جولاءِ تي صبح 11 وڳي جي ايم سيد ايديفيس ڄامشورو تي طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ ايندڙ حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويندو.

امير علي ٿيٻو
انفارميشن سيڪريٽري (SUP)
03332631500

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here