پڌرائي
27 جون 2018ع
حيدر منزل، ڪراچي
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي 10 سالن جي حڪومتي دور ۾ سنڌ کي ترقي ڏيڻ بدران تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. هر اداري ۾ ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا ويا آهن. اهڙو اظهار هـُن سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان ڪراچي ٽربيونل ۾ سندس خلاف داخل ڪيل اپيل رد ٿيڻ کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي ۽ 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ڪرپشن ۽ وڏيرڪي نظام خلاف ووٽ ڏئي سنڌ کي عزت ڏيندو. 25 جولاءِ چورن، ڦورن، لٽيرن ۽ ڪرپشن کان سنڌ کي آزاد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن عوام ڪار تي ٺپو هڻي ايس يو پي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪندو. سيد جلال محمود شاهه چيو ته ايس يو پي ملڪ کي فلاحي ۽ ترقياتيرياستبڻائڻ لاءِ عدممرڪزيتجيطرزواريحڪمرانيلاءِ سگهاريون ڪوششون وٺندي.
ٻئي طرف ايس يو پي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري امير علي ٿيٻو پڌرو ڪيو آهي ته ڪراچي اپيلٽ ٽربيونل ۾ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو خلاف سيد مراد علي شاهه جي داخل ڪيل اپيل تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سيد جلال محمود شاهه طرفان سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل لقمان فاروقي، سينئر قومپرست اڳواڻ ايڊووڪيٽ سيد غلام شاهه، ۽ ايس يو پي لائرز فورم جو صدر سيد اسد شاهه ٽربيونل ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران ٽربيونل سيد مراد علي شاهه جي اپيل رد ڪندي سيد جلال محمود شاهه ۽ روشن علي ٻرڙو جا فارم بحال ڪري ڇڏيا.

امير علي ٿيٻو
انفارميشن سيڪريٽري (SUP)
03332631500

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here