پريس پڌرائي . . .
21 جون 2018ع .
جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو .
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر سيد زين شاهه پنهنجي پريس بيان وسيلي چيو آهي ته اسان ڪالهه جي ڊي اي جي قيادت جي دعوت تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا هئاسين . جنهن ۾ اسان واضع موقف رکيو آهي ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اليڪشن ۾ پنهنجي انتخابي نشان ڪار تي اليڪشن وڙهندي. جڏهن ته جي ڊي اي جي قيادت جي اڳيان اسان واضع موقف رکيو آهي ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ جي ڪافي ضلعن ۾ پنهنجا اميدوار صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي بيهاريا آهن . جن ۾ 32 صوبائي ۽ 11 قومي اسيمبلي جي اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ٿي چڪا آهن . جي ڊي اي جي اجلاس ۾ اسان موقف رکيو آهي ته جي ڊي اي هڪ ڪميٽي جوڙي جيڪا سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پي ٽي آئي ۽ ٻين جماعتن سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪن . سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي خواهش آهي ته سنڌ جي اندر قومپرست ، ڊيموڪريٽڪ ، لبرل پروگريسو قوتون ، سياسي جماعتون ۽ باڪردار شخصيتون گڏجي زرداري مافيا جي اميدوارن کي شڪست ڏيڻ لاءِ گڏيل اميدوار بيهارين . جي ڊي اي قيادت کي پڻ اڄ جي صورتحال ۾ سڄي سنڌ ۾ زرداري ليگ مخالف اميدوارن کي گڏ کڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته جي ڊي اي سان اڳ ۾ به اسان جو رابطو رهيو آهي ۽ ان سان گڏ 2013ع ۾ گڏيل طور تي اليڪشن ۾ حصو وٺي چڪا آهيون ۽ هاڻي به جي ڊي اي جي اميدوارن سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ تحت پنهنجي پارٽي نشان تي اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار آهيون .
امير علي ٿيٻو
اطلاعات سيڪريٽري
03332631500

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here