پريس پڌرائي . . .
19 جون 2018ع .
جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو .
اليڪشن باز پئسي ۽ دٻاءَ جي زور تي پنهنجي پسند جا فيصلا ڪرائي رهيا آهن . پيپلزپارٽي جا نامزد اميدوار سابق وزير ، مشير هجڻ جو دٻاءُ ۽ پئسي استعمال ڪري رهيا آهن . اهڙن خيالن جو اظهار سيد جلال محمود شاهه سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اڄ پ پ جي نامزد اميدوارن کي کلي ڇوٽ مليل آهي ته اهي پنهنجي ڏهن سالن جي ڪيل ڪرپشن جي باوجود بنا رڪاوٽ جي سندن نامزدگي فارم بحال ڪيا پيا وڃن ، جن اميدوارن جي نالن جي ايف آئي اي لسٽ ۾ ٻٽي شهريت جا ثبوت آهن انهن جا به فارم بحال ڪيا پيا وڃن انهيءَ مان لڳي پيو ته ڪنهن به طرف ساڳين چهرن کي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي .
اسين آگاهه ٿا ڪريون ته اليڪشن کي آزاد ، شفاف ۽ غيرجانبدار بنائڻ لاءِ جوڳا اُپاءُ ورتا وڃن . جيڪڏهن ايندڙ اليڪشن منصفاڻي نه ٿي ته عوام جو اعتماد رياست جي جمهوري عمل تان ويساهه ختم ٿي ويندو ۽ انارڪيءَ جي اهڙي لهر اٿندي جو ڪير به انهيءَ عوامي طوفان کي روڪي نه سگهندو .
اجلاس ۾ سنڌ مان بيهندڙ اميدوارن جي لسٽ پڻ غور هيٺ آئي . جنهن مطابق سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ايندڙ عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي 32 اميدوارن جا فارم بحال ٿي ويا آهن جڏهن ته 11 قومي اسيمبلي جي اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ٿي ويا آهن . انهن سڀني اميدوارن جا نالا هيٺين ريت آهن . جن کي پارٽي ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن . اجلاس جي آخر ۾ اهو واضع ڪيو ويو ته هن وقت سنڌ اندر واحد ايس يو پي آهي جيڪا پ پ جي مدمقابل انٽري وڏي تعداد ۾ اميدوار بيهاري مقابلو ڪري رهي آهي اسين اميد ٿا ڪريون ته سنڌ جو عوام پنهنجو ووٽ سنڌ جي قومي مفادن لاءِ استعمال ڪندو . ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت ايوانن اندر سنڌ جي قومي مفادن جي تحفظ ڪرڻ جو آهي ۽ اسين يقين ٿا ڪريون ته ايندڙ وقت اسان جو هوندو ۽ ايندڙ وقت حق جو ، ايماندار قيادت جو آهي .
امير علي ٿيٻو
اطلاعات سيڪريٽري
03332631500

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here