پريس ڪانفرنس
12 جون 2018ع .
جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو .
صحافي دوستو ———–اسلام عليڪم
توهان سڀني جي مهرباني، مختصر ٽائيم تي. اوهان جي ايم سيد ايڊيفس تي گڏ ٿيا آهيون. اڄ جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي آيل ڊاڪٽر سڪندر شورو، وڏيرو محمد صالح برهماڻي، ملڪ چنگيز خان، جميل باريجو ۽ ٻين سڀني دوستن کي ڀليڪار چئون ٿا.
ملڪ جي اندر اليڪشن شيڊيول جاري ٿيڻ کان پوءِ سياسي سرگرميون عروج تي آهن. جنهن جا اثرات ڄامشوري ضلعي تي پڻ آهن. هن ضلعي ۾ ذڪر ڪيل دوستن ۽ اسان جي وچ ۾ ڪجهه ڏينهن کان رابطو رهيو ۽ اسان سڀني گڏجي اهو طئه ڪيو آهي ته ضلعي جي اندر سياسي هڪ هٽي جو خاتمو آڻيون ۽ ضلعي ۾ گذريل چاليهه سالن کان راڄ ڪندڙ عوام آزار سياست ڪندڙ ۽ ماڻهن کي غلام رکندڙ سياستڪار کان ڇوٽڪارو ڏياريون. ان ڪري متفقه طور تي اسان سڀني گڏجي ڄامشورو اتحاد جوڙيو آهي. هن اتحاد جو مقصد 2018 ع جي اليڪشن ۾ گڏيل اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن تحت ضلعي ڄامشوري جي اين اي233 تي قومي اسيملي جو اميدوار آئون سيد جلال محمود شاهه، پي ايس 82 تي ڊاڪٽر سڪندر شورو، پي ايس 81 تي وڏيرو محمد صالح برهماڻي ۽ پي ايس 80 تي سيد جلال محمود شاهه اميدوار هوندا.
اسان سڀني جو مقصد اهو آهي ته ضلعي ڄامشوري جي عوام جي خدمت ڪريون. ضلعو ڄامشورو قدرتي وسيلن سان مالا مال ۽ سنڌو دريا جي ڪنڌيءَ تي آهي،پر بدقسمتيءَ سان هتي جي چونڊيل سياسي قيادت جيڪا ڪڏهن پيپلزپارٽي ۾ ڪڏهن جنرل ضياءُ ۽ ڪڏهن جنرل مشرف جي باقيات جو حصو رهي آهي. انهن ضلعي جي مالي وسيلن ۽ قدرتي ذخيرن تي پنهنجو قبضو ڄمائي رکيو آهي جنهن سبب بک بي روزگاري ۽ تباهي هتي جي عوام جو مقدر رهي آهي. جنهن ڪري اڄ جي حالتن ۾ ضروري آهي ته عوام اسان جو ساٿ ڏئي ته جيئن ضلعي جي عوام جي تقدير مٽائي سگهجي.
ڄامشوري اتحاد ۾ جيڪي سياسي جماعتون يا شخصيتون ڄامشورو اتحاد جو حصو ٿيڻ لاءِ ايندا ته انهن کي ڀليڪار چونداسين ۽ سمورين قوتن کي ڄامشورو اتحاد ۾ گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪنداسين .
1. سيد جلال محمود شاهه
2. ڊاڪٽر سڪندر شورو
3. وڏيرو محمد صالح برهماڻي
4. ملڪ چنگيز خان
5. جميل باريجو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here